سنڌ ۾ ٻارهين جماعت جي امتحانن جو شيڊيول جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٻارهين جماعت جي امتحانن جي تاريخن جو حتمي اعلان ٿي ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

انٽر بورڊ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 12هين جماعت جا امتحان 26 جولاءِ کان ٿيندا، انهن کانپوءِ يارهين جماعت جا امتحان ورتا ويندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي رڳو اختياري مضمونن جا امتحان ورتا ويندا، جڏهن ته پريڪٽيڪل به نه ورتا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.