ڏهرڪي: گهوٽڪي جي ڀٽا هوٽل ڀرسان نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

گهوٽڪي جي ڀٽا هوٽل ڀرسان ڀٽا برادري جي 22 ورهين جي نوجوان شاھمير ڀٽو جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو، وارث لاش سول اسپتال کڻائي آيا جنهن بعد وارثن لاش ڀٽا هوٽل ڀرسان نيشنل هاء وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ضمير احمد ڀٽو , مير احمد , محرم , راحب , محمد سچل ڀٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات دير سان انهن جي نوجوان کي نامعلوم ماڻهن ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪري ويا،هنن چيو ته پوليس اڃان تائين ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي , هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، هنن  آء جي سنڌ , ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان قتل جو نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي , هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ايس ايڇ او اي سيڪشن گهوٽڪي عطر حسين چنا پهچي نوجوان جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون پر نوجوان جي وارثن روڊ کولڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته جيستائين تائين ايس ايس پي گهوٽڪي انهن وٽ ڳالهين لاء نه ايندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.