حيدرآباد: بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس، جلال محمود شاهه ۽ ٻين جي ضمانت منظور

سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاھ، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، اسلم خيرپوري جي حفاظتي ضمانت 10 ڏينهن لاءِ منظور ڪري ورتي، عدالت 25/25 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاه،ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، اسلم خيرپوري جي 3 دهشتگردي جي ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت ڪئي وئي، عدالت سنڌ عوامي فورم جي اڳواڻ جان محمد جوڻيجو جي به هڪ ڪيس ۾ 25 هزار جي مچلڪن عيوض 10 ڏيهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.