”شوڪت عزيز صديقي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي کي نه سمجهيو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته شوڪت عزيز صديقي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ عهدي کي نه سمجهيو.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود چيو ته وفاقي حڪومت شوڪت عزيز صديقي جي آفيسرن جي حوالي سان موقف تي پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ چاهي ٿي، شوڪت عزيز طرفان ڪجهه آفيسرن تي الزامن جي ترديد ڪيون ٿا، اهي الزام بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن.

جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل حامد خان کي چيو ته جج کي هٽائڻ کان اڳ انڪوائري کي لازمي قرار ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي موقف تي دليل مڪمل ڪيو.

وڪيل چيو ته انڪوائري بنا ريفرنس جو فيصلو نٿو ڪري سگهجي، رڳو هڪ تقرير جو ايشو نه هو، ڪارروائي کان اڳ مون کي اوپن انڪوائري جي خاطري ڪرائي هئي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل تسليم حقيقتن جي بنياد تي اوپن انڪوائري کي مناسب نه سمجهيو.

وڪيل حامد خان دليل ڏنا ته جج وٽ ته سپريم جڊيشل ڪائونسل کانسواءِ ٻيو ڪو فورم ناهي، ممڪن آهي ته انڪوائري ۾ پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ جنرلز کي گهرايان ها ۽ انهن کان سوال ڪيان ها، بنا انڪوائري پنهنجي الزامن کي ڪيئن ثابت ڪيان ها.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته شوڪت صديقي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي کي نه سمجهيو، ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب به توهان کي عدليا جو دفاع ڪرڻو هو.

وڪيل چيو ته آءِ ايس آءِ آفيسرن جي جج سان رابطن بابت جاچ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط به لکيو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان اڳ ۾ تقرير ڪئي پوءِ خط لکيو.

ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال شعر به پڙهيو ته ”ڪي ميري قتل ڪي بعد ان جي جفا سان توبه، هائي ان زود پشيمان کان پشيمان هونا“.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.