پکو: مغيري برادري جي سردار حميد مغيري جون مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتون

پکو ۾ مغيري برادري جي سردار عبدالحميد مغيري علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتي گڏجاڻين بعد پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته مغيري برادري پوري سنڌ ۾ اڪثريت ۽ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ آھي پر افسوس جو ھر دور ۾ انهن سان ناجائزيون ڪيون ويون آهن  , ايندڙ اليڪشن ۾ برادري جي سھڪار سان جيڪب آباد ضلعي ۾ صوبائي سيٽ تي بيھندس جنھن ۾ کوسا برادري سميت ٻين سياسي ماڻھن جو سھڪار آھي , سندس چوڻ هو ته هن جو حڪومتي پارٽي سان تعلق ناھي ۽ نه ئي ان سان اتحاد ڪرڻ جو ارادو آھي ڇو ته حڪومتي ڌر عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻي حق غضب ڪيا آھن , جيڪب آباد ضلعي جي صوبائي سيٽ تي جکراڻي توڙي اسلم ابڙو سان مقابلي لاءّ تيار آھيان ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ميدان خالي نه ڇڏبو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.