مراد علي شاهه جو سنڌ سان ناانصافين تي وزيراعظم کي خط

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سان ناانصافين تي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو.

وزيراعظم کي لکيل خط ۾ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف سنڌ سان تعصب ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير پنهنجي خط ۾ ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي جو منصوبو ”ڪي فور“ مڪمل نه ٿيڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.