افغان طالبان پنهنجي عسڪري پوزيشن وڌيڪ مضبوط پيا ڪن: گڏيل قومون

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت سان امن ڳالهين جي عمل لاءِ  طالبان طرفان تشدد ۾ گهٽتائي ناهي ٿي.

اها ڳالهه گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته اهي ويڙهاڪ پنهنجي عسڪري پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن.

22 صفحن تي ٻڌل ان رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج مڪمل طور نڪرڻ کان اڳ طالبان طرفان تشدد ۾ واڌ ٿي آهي ۽ خدشو آهي ته ويڙهاڪ ملڪ تي پنهنجي پڪڙ مضبوط بڻائڻ لاءِ اڳتي به حملا ڪندا.

واضح رهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوجون 11 سيپٽمبر تائين نڪري وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.