مصطفيٰ ڪمال جي نااهلي لاءِ داخل ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ ڪمال کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي خلاف ايم ڪيو ايم اڳواڻ سلمان مجاهد بلوچ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت فيصلي جو حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مصطفيٰ ڪمال هن وقت ڪو به عوامي عهدو نٿو رکي، ان حوالي سان درخواست گهڻي دير سان داخل ڪئي وئي آهي.

عدالت آبزرويشن ڏني ته درخواستگذار مصطفيٰ ڪمال جي ماضي جي عهدن کي چيلينج ڪيو آهي، درخواستگذار 2002ع کان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي رڪنيت، وزارت ۽ نظامت جي اهليت کي چيلينج ڪيو، لڳي ٿو ته درخواستگذار گهري ننڊ ۾ ستل هئا.

عدالت چيو ته حقيقتن کي نظر ۾ رکندي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.