سي ٽي ڊي فاروق ستار کي”را“ سان رابطو ڪرائڻ جي الزام ۾ طلب ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي (را) جي سهڪار جي الزام ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن سول لائن جي سي ٽي ڊي ٿاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي پوليس طرفان جاري هڪ نوٽيس موجب سي ٽي ڊي سول لائن ٿاڻي ۾ هڪ ايف آءِ آر نمبر 54 جي تحت ٻن جوابدارن نعيم خان ۽ عمران احمد کي گرفتار ڪيو ويو هو.

نوٽيس موجب گرفتار جوابدارن پنهنجو تعلق پاڪستان دشمن ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان ظاهر ڪيو آهي.

جاچ آفيسر انسپڪٽر ظفر عباس طرفان جاري نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدارن جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان هن جو رابطو ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪرايو هو.

ان ڏس ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار کي جاري نوٽيس ۾ 5 جون جي منجهند 12 وڳي جاچ آفيسر جي آڏو سمورن ثبوتن سان گڏ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي.

دهشتگردي جي انت واري کاتي پاڪ سر زمين پارٽي (پي ايس پي) جي اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ کي به طلب ڪيو آهي.

ان حوالي سان فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ڪو به نوٽيس ناهي مليو، نوٽيس مليو ۽ تفصيل ٻڌائي وئي ته وڃڻ جو فيصلو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.