ڪورونا وائرس جو نئون انتهائي خطرناڪ قسم دريافت

 

هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ نئين تبديل ٿيل قسم سامهون آيو آهي، جنهن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي.

اهو نئون قسم ڀارتي ۽ برطانوي ڪورونا وائرس جي قسمن جي ميلاپ سان وجود ۾ آيو آهي.

ويٽنامي صحت واري وزارت چيو آهي ته ان نئين تبديل ٿيل ڪورونا وائرس جو جينياتي ڪوڊ جلد دستياب ٿي ويندو.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اهو وائرس هوا ذريعي پکڙجڻ جي اهليت رکي ٿو.

واضح رهي ته 2019 ۾ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا آئي هئي، جنهن کانپوءِ ان وائرس جا ڪيترائي تبديل ٿيل قسم سامهون اچي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.