اوپو رينو 6 سيريز جون 3 فونز متعارف

 

اوپو رينو 6 سيريز جون 3 سمارٽ فونز متعارف ڪرائي ڇڏيون.

اوپو رينو 6، 6 پرو ۽ 6 پرو پلس مان پرو فونز جا فيچر لڳ ڀڳ هڪ جهڙا آهن، بس ڪئميرا سيٽ اپ ۽ پراسيسر ۾ فرق آهي.

اوپو جي اها مڊ رينج سيريز دنيا ۾ گهڻي مقبول آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ان کي سال گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا اپ ڊيٽ ڪيو ويندو آهي.

اوپو رينو 6 سيريز جون فونز سڀ کان پهريان چين ۾ متعارف ڪرايون ويون آهن.

اوپو رينو 6

ان فون ۾ 6.4 انچ جو فليٽ اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايف ايڇ ڊي پلس ريزوليشن سان ڏنو ويو آهي.

فون ۾ 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن.

ڪمپني پنهنجو ڪلر او ايس 11.3 سان ڪيو آهي، جڏهن ته 4300 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي، جنهن سان 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪئميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي، جنهن ۾ مين ڪئميرا 64 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪئميرا موجود آهي.

فون جي فرنٽ تي پنچ هول ڊزائن ۾ 32 ميگا پڪسل ڪئميرا لڪيل آهي.

ان فون جو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 2799 يوآن (لڳ ڀڳ 69 هزار پاڪستاني رپين) جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي وارو ورزن 3199 (77 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ جون ۾ دستياب هوندو.

اوپو رينو 6 پرو ۽  6 پرو پلس

اهي ٻئي فونز لڳ ڀڳ هڪجهڙيون آهن پر ڪئيمرا سيٽ اپ ۽ پراسيسر ۾ فرق آهي.

اوپو رينو 6 پرو ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200، جڏهن ته رينو پرو پلس ۾ ڪوالڪوم جو اسنيپ ڊراگون 870 پراسيسر موجود آهي.

ٻنهي فونز ۾ 6.55 انچ جو اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان ڏنو ويو آهي.

ٻنهي ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ڏني وئي آهي.

ٻنهي ۾ 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ڪلر او ايس 11.3 سان ڪيو ويو آهي.

رينو 6 پرو ۾ بيڪ تي 4 ڪئميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي، جنهن ۾ مين ڪئميرا 64 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڊيٽا ڪئميرا موجود آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ رينو 6 پرو پلس جي بيڪ تي به 4 ڪئميرائون موجود آهن پر اهي پرو ماڊل کان مختلف آهن.

فون جي مين ڪئميرا 50 ميگا پڪسل جي آهي، جيڪا ڪمپني جي فليگ شپ فون فائنڊ ايڪس 3 پرو ۾ به ڏني وئي.

اهڙي ريت 16 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 13 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو (2 ايڪس آپٽيڪل زوم سان گڏ) ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪئميرا ان سيٽ اپ جو حصو آهن.

ٻنهي فونز جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪئميرائون 5 هول ڊزائن ۾ ڏنيون ويون آهن.

اوپو رينو 6 پرو جو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي وارو ورزن 3499 يوآن (لڳ ڀڳ 85 هزار پاڪستاني رپيا) جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 3799 يوآن (92 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

اوپو رينو 6 پرو پلس جا بيسڪ ماڊل 128/8 جي بي لاءِ 3999 يوآن (97 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج واري ورزن لاءِ 4499 يوآن (هڪ لک 9 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) خرچ ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.