وزير اعظم جي فسلطيني صدر کي فون، اسرائيلي ظلمن جي سخت مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪري اسرائيلي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي.

وزير اعظم عمران خان فلسطيني صدر محمود عباس سان اسرائيلي جارحيت تي ڳالهيون ڪندي چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بي گناهه نمازين تي حملا شرم جوڳو عمل آهي.

وزير اعظم غزه ۾ اسرائيل طرفان هوائي حملن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو، بحراني صورتحال دوران پاڪستاني قيادت جي مڪمل حمايت ۽ فلسطيني عوام جي حقن ۽ هن جي جائز جدوجهد جي لاءِ  پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو جڏهن ته انساني حقن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ بندوبستن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

فلسطيني صدر محمود عباس پاڪستان حمايت کي ڀليڪار ڪندي پاڪستان قيادت جي بر وقت رد عمل جي تعريف ڪئي، غزه ۽ مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيل جي حملن جي مذمت کي به ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.