مالياتي تباهيءَ کان منهن موڙڻ جي ڪوشش!

تحرير: ڊاڪٽر اڪرام الحق

تحريڪ انصاف جي اتحادي حڪومت مالياتي بحران جي ور چڙهيل آهي، خزاني واري وزارت پاران 6- مئي 2021 تي پهرين 9- مهينن جي جيڪا وفاقي ۽ صوبائي مالياتي ذريعن متعلق رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي دفاع جا جيڪي به خرچ آهن انهن خرچن جو 37- سيڪڙو قرضن تي هلي رهيو آهي. اهو هڪ اهڙو سنگين مسئلو آهي جنهن تي فوري طور تي توجهه ڏيڻ جي  ضرورت هئي پر ان مسئلي تي اڃان تائين ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي، جنهن جا قومي سلامتيءَ جي حوالي سان ڪافي سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا.

ملڪ مٿان جيڪي مجموعي قرض آهن يا جيڪي ادائگيون ڪرڻيون آهن، اهي ملڪ جي مجموعي جي ڊي پي جي 94- سيڪڙو تائين پهچي چڪا آهن، جڏهن ته سواءِ ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي جيڪي به قرض ورتا وڃن ٿا يا وري ورتل قرضن کي جنهن بيقدريءَ سان خرچ ڪيو وڃي ٿو ان جي ڪري ملڪ جو مالي خسارو پهرين نون  مهينن ۾  1.652 کرب روپين تائين پهتو آهي. جيڪو ملڪ جي موجوده جي ڊي پي جو 3.6 سيڪڙو آهي. هن وقت تائين حڪمران ڌر مان اهڙو ڪو به ماڻهو نه آهي جيڪو اڳتي وڌي ٻڌائي ته ملڪ جي مجموعي (ٽيڪسن واري- اڻ ٽيڪسن واري ) آمدنيءَ جي 62- سڪڙو تائين پهتل ان مالي خساري کي ڪهڙي نموني ختم ڪري سگهبو. اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته پاڪستان (جي -20 ) کان 25.4  ارب ڊالرن جو ورتل قرض پڻ معاف ڪرائي چڪو آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ قرض تي جيڪي ادائگيون ڪرڻيون آهن اهي جيئن جو تيئن آهن، پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جي حوالي سان جيڪي سروس  چارجز آهن ايندڙ ٻن سالن ۾ 10 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وينديون، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صورتحال ڪيتري نه سنگين آهي.

ملڪ کي فيڊرل بورڊ آف ريوينيو ( ايف بي آر) ذريعي جولاءِ 2020ع کان مارچ 2021ع تائين مجموعي طور تي 3.4 ارب روپيه وصول ٿيا هيا، جن مان صوبن کي ستين نيشنل فنانس ايوارڊ تحت  1986 – ارب روپين جي رقم ادا ٿئي ٿي، جڏهن ته وفاق کي نان ٽيڪس آمدنيءَ جي ذريعن مان پاڻ 1145- ارب روپيه حاصل ٿين ٿا. اهڙي صورت ۾ وفاق وٽ جمع ٿيل مجموعي رقم جو ڪاٿو 2.6 کرب روپين جو ٿئي ٿو . وفاق وٽ جيڪا رقم جمع ٿئي ٿي اها رقم ملڪ جي ٻن اهم مالياتي اسمن جهڙوڪر قرضن جي مد ۾  2103 – ارب، گهرو ۽ 170- ارب،  بيروني لاءِ 1933- ارب، دفاع لاءِ 784 ارب روپين، جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو  دفاع جي خرچن لاءِ 287 ارب روپيه قرض طور وٺڻا پون ٿا.

پنجاب ملڪ جي وڏي آباديءَ وارو صوبو آهي  جنهن جي مجموعي آبادي 110- ڪروڙ آهي، جڏهن ته پنجاب جي ٽيڪسز مان مجموعي آمدني رڳو 168- ڪروڙ آهي ۽ وفاقي حڪومت کان ايوارڊ جي سلسلي ۾ کيس 973- ڪروڙ روپيا ملن ٿا، جڏهن ته پنجاب جو مجموعي سياليانو خرچ 946- ڪرڙو آهي، جڏهن ته پنجاب جي گذريل سالن ۾ ٽيڪس جي مد ۾ جيڪا وصولي ٿي اها پڻ گهٽ رهي.

18- ترميم جي حوالي سان غير منقوله جائداد تي ٽيڪس جي وصوليءَ جو حق صوبن جو آهي، ان سان گڏوگڏ گفٽ ٽيڪس، ويلٿ ٽيڪس پڻ صوبن جو حق آهي پر پنجاب حڪومت گذريل 10- سالن کان اهڙن ٽيڪسن وصول ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه پيو وٺي، جيڪڏهن اهڙن ٽيڪسن جي وصوليءَ ۾ پنجاب دلچسپي وٺي ها ته پرڏيهي قرضن جي حوالي سان ڪجهه فرق ضرور پئي ها. پاڪستان جي مجموعي ٽيڪسن جي وصوليءَ  ( 3769 ارب ) ۾ صوبن جو حصو ( 370 ارب ) ٿئي ٿو جيڪو ملڪ جي مجموعي آباديءَ جو 9.8 سيڪڙو آهي.

اين ايف سي ايوارڊ تحت سال 2020ع کان 2021ع تائين ( ٽيڪس/  نان ٽيڪس ) آمدني ۽ خرچن جو وچور هن ريت آهي.

– سنڌ کي مجموعي آمدني 684- ارب روپيا ٿي ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ 617- ارب روپيه خرچ ڪيا، سنڌ کي وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ 494 ارب مليا، جڏهن ته پنهنجن ٽيڪسن مان سنڌ مجموعي طور تي 163- ارب حاصل ڪيا، اهڙي نموني سنڌ پنجاب کان رڳو 5- ارب روپيا گهٽ حاصل ڪري سگهي.

– خيبرپختون خواه مجموعي طور تي 445- ارب روپيا خرچ ڪيا، جڏهن ته خيبر پختون خواه جي آمدني مجوعي طور تي 480- ارب روپيا رهي، مقامي ٽيڪس رڳو 24- ارب حاصل ٿيا، اين ايف سي ايوارڊ مان 320- ارب حاصل ٿيا.

– بلوچستان جي مجموعي آمدني 230- ارب رهي، جنهن مان 199 ارب روپيه اين ايف سي ايوارڊ مان مليا، 15- ارب مقامي ٽيڪسن مان حاصل ڪيا، بلوچستان جو مجوعي خرچ 164- ارب روپيا رهيو.

مٿي جيڪي انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، اهي ثابت ڪن ٿا ته صوبن جي خرچن جو گهڻو مدار انهن ٽيڪسن تي آهي جيڪي صوبن مان گڏ ٿي وفاقي پول ۾ جمع ٿين ٿا ۽ بعد ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ورهائي ڏجن ٿيا،

جڏن ته 18- ترميم ۾ ويلٿ ٽيڪس، غيرمنقوله جائداد تي ٽيڪسن ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ٽيڪس آهن جيڪي صوبن کي وصول ڪرڻا ۽ پنهنجي عوام تي استعمال ڪرڻا آهن، 18- ترميم ڪرڻ جو مقصد اهو به هيو ته صوبن کي مالي طور تي پاڻ ڀرو بڻايو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي عوام جي صحت، تعليم، زراعت، بهتر بڻائي سگهن ۽ پنهنجي پورهيت طبقي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهن.

پاڪستان جي صوبن جي اسيمبلين ۾ زميندارن، جاگيردارن جي اڪثريت ڪري صوبن جي هارين ۽ پورهيتن جو ڀلو هر گز نه پيو ٿئي، يا مجموعي طور تي ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن جو عوام جنهن جي گذرسفر جو ذريعو رڳو زراعت تي آهي، اهي انتهائي ڪسمپرسيءَ ۽ غريبيءَ واري صورتحال ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته شهرن جي صورتحال پڻ ان کان بهتر نه آهي، شهرن ۾ رهندڙ عوام پڻ غير انساني، غير مهذب ۽ غير ترقي يافته زندگي گذاري رهيو آهي، جتي عام شهري سهولتون ته ڇڏيو، شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت به نه آهي ۽ نه ئي کين صفائيءَ جي ڪا سهولت ملي ٿي. 18- ترميم بعد ملڪ جي جيڪا مالياتي صورتحال آهي ان صورتحال جي پس منظر ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبن کي ان ڏس ۾ وري سوچڻ گهرجي، جڏهن ته وفاقي حڪومت کي ملڪ جا سمورا وڏا وڏا ٽيڪس وصول ڪرڻ جو حق آهي پر تنهن هوندي به وفاق ان لائق نه ٿي سگهيو آهي جو ملڪ مٿان قرضن جو بار لاهي سگهي يا گهٽ ۾ گهٽ ملڪ تي چڙهندڙ قرضن کي روڪي سگهي.

وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ڪنهن به طور تي ملڪ کي مالي حوالي سان پاڻ ڀرو ڪرڻ جون ڪوششن نه پيون ڪن، جنهن جا نتيجا ايندڙ ڪجهه ئي مهينن ۾ انتهائي خراب نڪري سگهن ٿا.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.