”عمران خان هر پاڪستاني کي پوڻي 2 لک رپين جي حڪومتي قرض هيٺ دٻائي ڇڏيو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان 25 سال ان ڪري جدوجهد جيئن هر پاڪستاني کي پوڻي ٻن لک رپين جي حڪومتي قرض هيٺان دٻائي سگهجي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان 25 سال ان ڪري جدوجهد ڪئي جيئن هر پاڪستاني کي پوڻي ٻن لک رپين جي حڪومتي قرض هيٺان دٻائي سگهجهي، قرضن جي خلاف ڪوڙي مهم هلائي پي ٽي آءِ حڪومت هن وقت تائين 33 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي قرض وٺي چڪا آهن، قرضن جي وياج سبب پگهارن جي ادائيگي کان پوءِ ترقياتي بجيٽ ته ٺهيو پر دفاعي بجيٽ جي لاءِ به حڪومت وٽ پيسا ناهن هوندا.

بلاول ڀٽو چيو ته عوام کي ڪفايت شعاري جو درس ڏيندڙ عمران خان جي حڪومت شاهاڻا خرچ 28 سالن جي ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، عوام کي معاسي ٽيم جو لالي پاپ ڏيندڙ عمران خان جي حڪومت سخت شرطن تي قرض وٺي پنهنجي آمدني کان 10 کرب وڌيڪ پيسا خرچ ڪري چڪي آهي، اگهن ۾ ڪيترائي سيڪڙو واڌ کان پوءِ رڳو بجلي جي شعبي ۾ اڍائي کرب ۽ گيس جي شعبي ۾ گردشي قرض 350 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.