خيرپور ۾ ضلعي ڪائونسل جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن بند، احتجاج

خيرپور (ڊر) خيرپور ۾ نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر ضلع ڪائونسل جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن بند ڪري ڇڏي، ملازمن ۽ پينشرن جو احتجاج. خبر موجب خيرپور ۾ نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق  حسين چانڊيو ضلع ڪائونسل جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن مبينا طور بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري ضلع ڪائونسل جا ملازم سخت پريشان ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ متاثر ملازمن علي رضا جاگيراڻي، عبدالمسيع ميمڻ، قادر راڄپر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق حسين چانڊيو خيرپور ۾ مقرريءَ بعد ضلع ڪائونسل جي ملازمن ۽ پينشرن جون ماهوار پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري اسان سخت پريشان ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته عيد اچڻ واري آهي اسان پنهنجي ٻچڙن کي عيد جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان به وٺي نه ڏئي سگهيا آهيون. هنن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي اپيل ڪئي ته ملازمن ۽ پينشرن جون پگهارون جاري ڪري اسان جي ٻچڙن کي عيد ڪرڻ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.