سنڌ حڪومت جو 37 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني اعلان ڪيو آهي ته سڄي صوبي ۾ 37 هزار استاد ڀرتي ڪنداسين.

سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته اسان نون استادن جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو هو، هزارين نوجوانن ملازمت جي لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي پر ڪورونا جي ڪري ٽيسٽون ناهن ٿي سگهيون.

هن چيو ته جلد انهن استادن کان ٽيسٽون ورتيون وينديون، اسان 37 هزار استاد ڀرتي ڪنداسين، پي ايس ٽي ٽيچر گريجويٽ هوندو، ٽيچر جي ٽريننگ جا خرچ به سنڌ حڪومت برداشت ڪندي ۽ بعد ۾ اسان گهٽ شرح سان پگهار مان ڪٽينداسين.

تعليم واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 638 اسڪول ٻيهر کولينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.