بجلي ٽيرف ۾ واڌ جو مطالبو ناجائز، آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪئي: شوڪت ترين

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان ناانصافي ڪئي.

قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس فيض الله ڪموڪا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير شوڪت ترين به شريڪ ٿيو.

شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان ناانصافي ڪئي، بجلي ٽيرف ۾ واڌ جو آءِ ايم ايف جو مطالبو ناجائز آهي، معيشت جو ڦيٿو نه پيو هلي، ٽيرف وڌائڻ سان ڪرپشن وڌي رهي آهي.

هن چيو جي ڊي پي گروٿ 5 سيڪڙو تائين نه کڻي وياسين ته 4 سالن ۾ ملڪ جو الله حافظ آهي، آءِ ايم ايف کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ٽيرف وڌائڻ سان مهانگائي جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، آءِ ايم ايف کي چيو ته گردشي قرض گهٽ ڪنداسين پر ٽيرف وڌائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان بجلي ٽيرف تي ڳالهائڻ انتهائي ضروري آهي، 2 مهينن کان ٽيڪسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر معيشت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

شوڪت ترين چيو ته نون ٽيڪسن بدران ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان جي ملڪ ۾ شارٽ، ميڊيم ۽ لانگ ٽرم معاشي پاليسي ناهي، جڏهن ته چين، ترڪي ۽ ڀارت معاشي پاليسين ۾ تسلسل رکيو.

ناڻي واري وزير چيو ته زراعت، صنعت، پرائس ڪنٽرول، هائوسنگ سيڪٽر ۾ بهتري جي ضرورت آهي، رڳو 0.25 سيڪڙو هائوسنگ مارگيج آهي، هائوسنگ سيڪٽر جي بحالي سان 20 ٻين صنعتن جو ڦيٿو هلندو، سڀني صوبن مان ٽيڪس جو 85 سيڪڙو 9 وڏن شهرن تي خرچ ٿيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جن ادارن کي نٿي هلائي سگهي، انهن جي نجڪاري ڪئي ويندي، صحت ۽ تعليم لاءِ تمام گهٽ خرچ ڪيو ويندو آهي.

پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو هن وقت ڏسڻ گهرجي ته آءِ ايم ايف کان ڪهڙو رليف ملي سگهي ٿو، مهانگائي وڌي رهي آهي، مهانگائي تي ضابطي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.