”اسان جو مقابلو ٽي ايل پي سان هو، ن ليگ کي حد کان وڌيڪ خود اعتمادي هارايو“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي مان قومي اسيمبلي سيٽ تي اسان جو مقابلو ن ليگ سان نه پر تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان هو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسان لاءِ ٽي ايل پي چئلينج هئي ۽ اندازو نه هو ته اهي ڪيترا ووٽ کڻندا، ن ليگ قيادت ننڍي چونڊ جي معاملي ۾ الزام هڻي رهي آهي، مون کي شاهد خاقان عباسي جي بيان تي افسوس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته سليڪٽر پ پ کي ڪامياب ڪرايو آهي.

سندس چوڻ هو ته شاهد خاقان کي مناسب ماڻهو سمجهي سندس احترام ڪندو هيس، مان به سوال اٿاري سگهان ٿو ته ن ليگ ڊسڪا چونڊ ڪيئن کٽي؟ ن ليگ ٽن ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي؟ آصف زرداري ۽ خورشيد شاهه کي ضمانت ملي ته ڊيل پر شهباز شريف، حمزا شهباز، شاهد خاقان عباسي کي ضمانت ملي ته اصولن جي فتح، اهو ٻٽو معيار نه هلندو.

هن چيو ڪهڙيون طاقتون هيون جن شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍرايو ۽ هن نواز شريف سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير ڪيرائڻ توهان نٿا چاهيو ۽ ڊيل وري اسان جي آهي، بدنظمي ۽ حد کان وڌيڪ خود اعتمادي سبب ن ليگ کي شڪست ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.