ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي گل پلازه ۽ موبائيل مارڪيٽ جا دڪان سيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ايم اي جناح روڊ تي گل پلازه کي سيل ڪيو ويو.

ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي اسسٽنٽ ڪمشنرز جون ڪارروائيون جاري آهن ۽ ايم اي جناح روڊ تي گل پلازه کي سيل ڪيو ويو.

ان کان سواءِ صدر ۾ موبائيل جا 100 دڪان، 2 سيلون، 3 گارمنٽس جا دڪان جڏهن ته آرام باغ جي ڀرسان 250 کان وڌيڪ دڪان سيل ڪيا ويا آهن.

 پڌرائي موجب لياري ۾ 2 ٽرانسپورٽ آفيسون ۽ ڪيترائي دڪان سيل جڏهن ته 32 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.