تحريڪ انصاف جو اين اي 249 جا چونڊ نتيجا چيلينج ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر خرم شير زمان اين اي 249 جي چونڊ نتيجن کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اين اي 249 ۾ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. اسان جي درخواست هئي ته اليڪشن رمضان ۾ نه ڪرائي وڃي. اسان کي اندازو هو ته ٽرن آئوٽ نه ٿيندو، عورتون رمضان ۾ ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيون، رمضان جي گرمي جي ڪري عوام ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيو. اسان ننڍي چونڊ جي نتيجن کي مڪمل طور تي رد ۽ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.

خرم شير زمان وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي پکڙجڻ جو ذميوار اليڪشن ڪميشن کي سمجهون ٿا. ڪورونا جي پکڙجڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي. سنڌ جي سموريون سياسي پرٽين اليڪشن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.