ڀارت ۾ ڪورونا جا ڪلور، هڪ ئي ڏينهن فوتگين جو نئون رڪارڊ

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن ۽ هڪ ئي ڏينهن رڪارڊ فوتگيون سامهون آيون آهن.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ 3 هزار 645 ڪورونا مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جيڪو هڪ ئي ڏينهن ۾ فوتگين جي لحاظ سان نئون رڪارڊ آهي.

ڀارت جي صحت واري وزارت جي تازن انگن اکرن موجب نين فوتگين کانپوءِ هيل تائين ملڪ ۾ وائرس سان فوت ٿيندڙن جو انگ 2 لک 4 هزار 832 ٿي ويو آهي.

هوڏانهن ڀارت ۾ ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ تقريبن 18.4 ملين تي پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.