اين اي 249 ننڍي چونڊ: ن ليگ جي مفتاح اسماعيل کي سرسي حاصل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي ۽ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ن ليگ جي مفتاح اسماعيل کي سرسي حاصل آهي.

اين اي 249 ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 276 پولنگ اسٽيشنز مان 57 جا نتيجا وصول ٿي چڪا آهن ۽ ن ليگ جو مفتاح اسماعيل 2668 ووٽ کڻي سڀني کان اڳتي آهي.

پ پ جو قادر خان مندوخيل 2389 ووٽن سان ٻئي، ٽي ايل پي جو نذير احمد 2284 ووٽن سان ٽئين، پي ايس پي جو مصطفيٰ ڪمال 1875 ووٽن سان چوٿين، ايم ڪيو ايم جو حافظ محمد مرسلين 1646 ووٽن سان پنجين، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو امجد آفريدي 1497 سان ڇهين نمبر تي آهي.

واضح رهي ته تڪ ۾ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيندو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.

اين اي 249 ۾ چونڊ لاءِ 276 پولنگ اسٽيشنز ۾ 796 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا، جن مان 184 پولنگ اسٽيشنز کي حساس، جڏهن ته 92 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو.

ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ انتظاميا ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو.

ڄاڻايل سيٽ تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل سينيٽر فيصل واوڊا طرفان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ خالي ٿي هئي.

فيصل واوڊا 2018 جي عام چونڊن ۾ ڪراچي اولهه ٽو جي ان تڪ مان ن ليگ صدر شهباز شريف کي رڳو 718 ووٽن جي فرق سان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.