نيڌرلينڊ ۾ چئن مهينن جي عرصي کانپوءِ سخت لاڪ ڊائون جو خاتمو

 

ايمسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) نيڌرلينڊ ۾ تقريبن چئن مهينن کانپوءِ سخت لاڪ ڊائون جو خاتمو ٿي ويو.

نيڌرلينڊ ۾ ڪورونا وبا تي ضابطي لاءِ لڳايل سخت لاڪ ڊائون جي تقريبن چئن مهينن کانپوءِ ان يورپي ملڪ ۾ گهڻي حد تائين زندگي معمول تي موٽي آئي آهي.

نيڌرلينڊ ۾ اڄ اربع ڏينهن شهرين لاءِ ڪرفيو ختم ٿي ويو ۽ ايس او پيز تحت دڪان توڙي ريسٽورنٽ ماڻهن لاءِ ٻيهر کوليا ويا آهن.

ڊچ حڪومت کي اميد آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نون انفيڪشنز جي شرح شهرين جي تيز رفتار ويڪسينيشن سان جلد ختم ٿي ويندي.

نيڌرلينڊ ۾ تقريبن 5 ملين شهرين کي ڪورونا ويڪسين جو پهريون ڊوز لڳايو ويو آهي ۽ اهو انگ ملڪي آبادي جو 30 انگ ٿئي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.