ڪراچي يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل 17 مئي تائين معطل، امتحان ملتوي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا جي موجوده لهر کي نظر ۾ رکندي اسڪول ۽ ڪاليج 17 مئي تائين بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت جي هدايتن کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل 17 مئي تائين معطل ڪيو ويو آهي.

ان کان سواءِ سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل 11 مئي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار جو چوڻ آهي ته ڪراچي يونيورسٽي 17 مئي تائين تدريسي عمل معطل ڪري ڇڏيو آهي، سمورا امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن، شاگرد ۽ والدين غير ضروري طور تي ڪراچي يونيورسٽي اچڻ کان پاسو ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.