ڀارت ۾ ڪورونا: اڪشي ڪمار جو هڪ ڪروڙ رپيا مالي امداد ڏيڻ جو اعلان

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ايڪشن اسٽار اڪشي ڪمار ڀارت ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال دوران هڪ ڪروڙ رپين جي مالي امداد پيش ڪري ڇڏي.

اڪشي ڪمار اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان گوتم گنڀير جي فائونڊيشن کي ڪورونا خلاف قدمن لاءِ هڪ ڪروڙ ڀارتي رپين جي مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

گوتم گنڀير ٽوئيٽر تي اڪشي ڪمار جا ٿورا مڃيا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدار پڻ اڪشي ڪمار جي اهڙي عمل جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.