ڀارتين سان همدردي تي ڪنگنا رناوت جو پاڪستانين لاءِ پيغام

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي خراب ترين صورتحال دوران پاڪستانين جي همدردي اداڪارا ڪنگنا رناوت کي خوش ڪري ڇڏيو.

ڀارت ۾ ڪورونا وبا عروج تي آهي ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا مان ماڻهو ڀارتين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي ڀارت کي 50 ايمبولينس ۽ رضاڪار موڪلڻ جي آڇ ڪئي هئي، جڏهن ته اڄ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري به ڀارتي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ هيش ٽيڪ #PakistanStandWithIndia ٽاپ ٽرينڊز ۾ آهي، جنهن تي ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت به چُپ نه رهي سگهي ۽ هن سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام جاري ڪيو آهي.

ڪنگنا رناوت ٽوئيٽر تي موجود ٽاپ ٽرينڊ تي لکيو آهي ته پاڪستانين طرفان #PakistanStandWithIndia کي ٽاپ ٽرينڊ تي ڏسي ڏاڍو سٺو لڳو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.