جهانگير ترين جي اجلاس ۾ استعيفائن واري آپشن تي شبلي فراز جو رد عمل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ استعيفائن جي آپشن تي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز جو ردعمل آڏو اچي ويو.

وفاقي وزير کان سوال ڪيو ويو ته جهانگير ترين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ استعيفائن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان جو ڪو حل آهي؟ ان تي شبلي فراز چيو ته هي ڪا ذاتي دشمني ته ناهي، اسان هڪ مقصد کڻي هلون پيا، جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن طرح هي اِهو عنصر هجي ته قانون ۽ انصاف ڪمپرو مائز هجي ته اُهو قبول ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن جون همدرديون جهانگير ترين سان هونديون پر انهن ميمبرن جي پهرين همدردي عمران خان ۽ پارٽي نظريي سان گڏ آهي، هي جيڪي به ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ڪو اهڙو سمجهوتو ٿئي، سمجهوتو اُهو ئي هوندو جيڪو قانون ۽ سڀني جي آڏو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.