بدين: سخت گرمي ۽ ٻوسٽ کانپوءِ تيز هوا سان برسات،گرمي جو زور ٽٽي ويو

بدين ۾ ڪجھ ڏينھن کان سخت گرمي ۽ ٻوسٽ بعد اڄ کان تيز ھوائن ھلڻ بعد برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ انبن جا باغ سخت متاثر ٿي ويا ،انبن ۾ بيٺل انب تيز طوفاني ھوائن سبب زمين تي ڪري پيا ،جنھن سان آبادگان کي وڏو نقصان پھتو ، وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو  پڻ شروع ٿي ويو، روزيدار موسم خوشگوار ٿيڻ تي خوش ڏسجي رهيا آهن، سخت گرمي ۽ بجلي جي اکٻوٽ سبب  شھري سخت پريشان ھئا ،موسم خوشگوار ٿيڻ تي شهرين جي چهرن تي به مرڪون اچي ويون آهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.