ڪراچي ۾ ايمبولينس بوٿ کي باهه، علامه محمد قاسم سميت ڪيترن تي ڪيس

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي بلديه واري علائقي ۾ مذهبي جماعت جي احتجاج دوران فلاحي اداري ڇيپا جي ايمبولينسن بوٿ کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، بلديا ٿاڻي جي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ مذهبي جماعت جي صوبائي اسيمبلي ميمبر علامه محمد قاسم، علامه ناصر ترابي عارف قلدين سميت ڪيترائي ماڻهو نامزد ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ دهشتگردي، هنگامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جهڙا قلم لڳايا ويا آهن. ايف آءِ آر نمبر 84/2021 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلديه 4 نمبر جي علائقي حب ريور روڊ تي مذهبي جماعت جي ڌرڻي دوران فوٽ پاٿ تي ٺهيل ايمبولسن بوٿ ئي شرپسندن باهه ئي ساڙيو، اتي بيٺل پوليس اهلڪار کان گيس گن ۽ پستول به ڦر ڪيو، ذريعن موجب ڪيس ۾ نامزد ٽي ايل پي ايم پي اي جي گرفتاري لاءِ هڪ مدرسي تي به ڇاپو هنيو ويو پر هو هٿ اچي نه سگهيو.

حب ۾ ڪنٽينر ڪار مٿان چڙهي ويو، 3 ڄڻا فوت

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) حب ۾ آر سي ڊي شاهراهه تي ڪنٽينر مهراڻ ڪار تي ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ڪيترائي زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل ڪلينر مطابق ڪنٽينر ڪراچي کان چمن وڃي رهيو هو ته لڪ بدوڪ وٽ بريڪ فيل ٿيڻ سبب بس کي بچائيندي پهاڙي سان ٽڪرائجي ڪار مٿان ڪري پيو، ايس ايڇ او راشد بزنجو مطابق ڪار ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، حادثي کانپوءِ ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

آدمشماري جي حتمي نتيجن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آدم شماري جي نتيجن ۽ حدخلين جي حوالي  سان ايم ڪيو ايم سميت ٻين جي درخواستن ٻڌڻي ڪئي .عدالت شماريات کاتي جي نمائندي پيش ٿي عبوري رپورٽ پيش ڪئي . ،جيڪي عدالت واپس ڪندي 10مئي تائين آدم شماري جي حتمي نتيجن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت ڳڻپ کاتي جي نمائندي چيو ته 12 اپريل تي سي سي آءِ جي آدم شماري جي نتيجن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ۾ 15ڏينهن لڳي ويندا .جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هڪ ننڊي معاملي کي 2017ع کان 2021ع تائين حل نه ڪري سگهيا آهيو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.