خانپور مهر: رمضان شريف ايندي ئي هٿرادو مهانگائي ،ڇاپا ،منافعي خورن تي ڏنڊ

خانپورمهر ۾ منافعي خور دڪاندارن ۽ لالچي واپارين رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به عام واهپي جي شين کنڊ، اٽو، گيھ، دالين، سبزين ۽ فروٽ سميت ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا ڪري هٿرادو مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، دڪاندارن سرڪاري اگهن واريون لسٽون گم ڪري شيون، ٻيڻي ٽيڻي اگهن تي شيون وڪرو ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو،مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء اسسٽنٽ مختيارڪار خانڳڙھ سجاد احمد ڪلوڙ ۽ بيورو آف سپلاء اينڊ پرائيس انسپيڪٽر وسيم راجا جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري دڪانن ۽ يوٽيلٽي اسٽور تي عام واهپي جي شين جا اگهه چيڪ ڪيا، ان موقعي تي شهرين پاران مهانگائي جون شڪايتون ڪيون ويون جڏهن ته دڪانن تي عام واهپي جي شين جي سرڪاري اگهن واريون لسٽون پڻ موجود نه هيون جنهن ته ڪيترن ئي دڪاندارن کان هٿراڌو مهانگائي تي ڏنڊ وصول ڪيا ويا، ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار خانڳڙھ سجاد ڪلوڙ ۽ پرائيس انسپيڪٽر وسيم راجا دڪاندارن ۽ واپارين کي وارننگ پڻ ڏني، اسسٽنٽ مختيار ڪار رمضان شريف جي مهيني ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء روزانو جي بنياد تي ڪارروايون ڪرڻ ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن کي عام واهپي جون شيون سرڪاري اگهن تي فراهم ڪرڻ لاء وين سروس پڻ جلد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.