سنڌ: ڊي جي رينجرز جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، امن امان جي صورتحال جو جائزو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) رينجر سنڌ ميجر جنرل افتخار حسن جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

سنڌ جي رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ شرڪت ڪئي.

ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ جي پيدا ڪيل صورتحال ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ مذهبي جذبن کي سياسي استعمال کان روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي.

رينجرز ترجمان ٻڌايو ته سمورا قانوني ذريعا ڪري عام ماڻهو کي پريشان کان بچائڻ جي عزم جو اعادو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.