رمضان المبارڪ تي وزيراعظم جو قوم لاءِ خاص پيغام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ جي حوالي سان خاص پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته الله پاڪ وري رمضان جي برڪتن مان اسان کي فائدو کڻڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، سڄي قوم ۽ ملت اسلاميه کي رمضان جي مبارڪ ڏيان ٿو.

پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته روزي جو مقصد پنهنجي اندر پرهيزگاري ۽ همدردي جا جذبا پيدا ڪرڻ آهي، هن ڀلاري مهيني ۾ اسان کي ضرورت مندن جو خاص خيال رکڻو آهي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ۽ حوصلا شڪني ڪرڻي آهي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت عالم انسانيت ڪورونا وبا کي منهن ڏئي رهي آهي، گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ قوم جو نڀايل ڪردار ساراهه جوڳو رهيو، عالمن جي صلاح مشوري سان تراوحن ۽ اعتڪاف لاءِ ايس او پيز تي اتفاق ڪيو ويو آهي، نازڪ صورتحال جو گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي ۽ رمضان ۾ ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.