شهدادڪوٽ ۾ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن پاران کلي ڪچهري

شهدادڪوٽ ۾ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن پاران کلي ڪچهري ڪوٺائي ويئي, جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ انساني حقن واري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت عورتن به شرڪت ڪئي، شھر جي آڊيٽوريم ھال ۾ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي ميمبر ۽ نامياري وڪيل مير مظفر بروھي جي ميزباني ھيٺ ڪرايل کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي چيو ته انساني حقن بابت دنيا ۾ فطري حقن سميت هر سماج ۽ هر مذهب جي پنهنجي پنهنجي پرک، ڪسوٽي ۽ معيار مقرر ڪيل آهن، جنهن ۾ ھر ماڻهو کي برابري، آزادي، ملڪيت، سلامتي ۽ جان جي حفاظت جا بنيادي حق ڏنا ويا آهن, جن کانسواءِ ڪو به ماڻهو آزاد زندگي نه ٿو گذاري سگهي,پر موجوده وقت ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي جنهن تي گهڻي ڳڻتي آهي
کلي ڪچھري کي مير مظفر بروھي,ميڊم بينش,عدنان خاصخيلي,ايوب کوسو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو,ان موقعي تي شهري اتحاد جي صدر وهاب پندراڻي، پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار حيدر سومرو ۽ ٻين انساني حقن جي ٿيندڙ لتاڙ بابت شڪايتون ڪيون جن کي پڻ نوٽ ڪيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.