لاهور: گهر ۾ گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) برکي روڊ تي گهر اندر گيس ڌماڪي سبب 4 ڄڻا حياتي جي جنگ هارائي ويٺا ۽ 12 سخت زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب لاهور جي علائقي برکي روڊ تي موجود پنگالي ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ گيس ڀرجيوئي ۽ جيئن ڪنهن باهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ مڪان ڊهي پٽ ٿي وئي.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچيويا ۽ ملبي جي هيٺان چئن ڄڻن جا لاش ڪڍيا جن جي سڃاڻپ هارون، شيري، علي ۽ انوش جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته واقعي ۾ زخمي 12 ڄڻن کي فوري طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.