پي ايف ايف نارملائيزيشن ڪميٽي کي ملندڙ فنڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي: رئيس خان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مارٽا وومين فٽبال ڪلب جي باني ۽ صدر رئيس خان چيو آهي ته فيفا تحت پي ايف ايف نارملائيزيشن ڪميٽي چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي، جنهن سبب پي ايف ايف جي اڳوڻي صدر انجنيئر سيد اشفاق حسين شاهه پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي چارج سنڀالي آهي.

هن چيو ته سيد اشفاق حسين شاهه جي اڳوڻي صدارتي دور ۾ فٽبال کي هٿي لاءِ عملي قدم کنيا ويا ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي سان سڄي ملڪ ۾ فٽبال جي سرگرمين ۾ واڌ ٿي.

سندس چوڻ هو ته نارملائيزيشن ڪميٽي تحت استعمال ٿيندڙ فنڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي، فيفا طرفان نارملائيزيشن ڪميٽي کي 75 هزار ڊالر ماهوار فراهم ڪيا ويا، جنهن تحت 18 مهينن ۾ ڏکيائي سان هڪ فٽبال ايونٽ ڪرايو ويو، جنهن جو حساب ڏيڻو پوندو.

رئيس خان چيو ته ملڪ ۾ فٽبال جو وڏو ٽئلينٽ موجود آهي پر پي ايف ايف ۾ مداخلت سبب رانديگر مايوسي جو شڪار آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيد اشفاق حسين شاهه کي صدر چونڊيو ويو هو پر مداخلت سبب کيس هٽايو ويو، سيد اشفاق حسين شاهه کي فٽبال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.