سوين ملين فيس بُڪ واهپيدارن جي ذاتي ڊيٽا چوري

هيڪرن 106 ملڪن جي 533 ملين کان وڌيڪ فيس بُڪ واهپيدارن جي ذاتي ڊيٽا چوري ڪري ورتي.

ٽيڪنالاجي ڪمپني هيڊسن راڪ موجب هاڻ اها ڊيٽا ايلن گال جهڙي انٽرنيٽ هيڪر فورم تي شيئر ڪئي پئي وڃي.

اها ڪمپني سائبر ڪرائم بابت انگ اکر گڏ ڪندي آهي.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هيڪر نجي ڄاڻ کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.

هوڏانهن فيس بُڪ انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي مسئلي کي 2019 ۾ حل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.