گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس، وفاق جي رپورٽ اعتراض هڻي رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ۾ وفاقي حڪومت جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته پيش ڪئي ويندڙ رپورٽ ۾ حراستي مرڪزن جو ذڪر ڇو ناهي؟ عدالت اعتراض هڻي رپورٽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي واپس ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ گهرو سيڪريٽري پيش ٿيو، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته مسنگ پرسنز فوڪل پرسن جي تبديلي جي لاءِ ڇا ڪيو؟ جنهن تي گهرو سيڪريٽري چيو ته ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته نئنو فوڪل پرسن پيش ڇو ناهي ٿيو؟ گهرو سيڪريٽري چيو ته ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري موڪلن تي آهي، سومر کان پيش ٿيندو، عدالت گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته نئين فوڪل پرسن کي مڪمل تياري سان عدالت موڪليو.

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي حڪومت جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري کان حراستي مرڪزن جي فهرست ۽ گم ٿيل شهرين جا نالا طلب ڪيا هئا، پيش ڪيل رپورٽ ۾ حراستي مرڪز جو ذڪر نه ٿيڻ تي عدالت اعتراض هڻي رپورٽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي واپس ڪري ڇڏي.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل نامڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ تي معافي گهري ورتي، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کان تازي رپورٽ طلب ڪندي گم ٿيل شهري موسي ۽ ٻين جي ڪيس ۾ موثر بندوبستن جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت آءِ جي، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان 6 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.