سنڌ ۾ هيٽ ويو، پي ڊي ايم اي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ هيٽ ويو ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ گرمي جي پهرين لهر جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي گهڻي ڀاڱي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقا گرمي جي لهر هيٺ رهندا.

سنڌ ۾ هيٽ ويو جي خدشي سبب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ چيئرمينن کي خط لکي ڇڏيا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته هيٽ ويو جو خدشو هفتي تائين رهندو.

پي ڊي ايم اي طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته انساني جانيون محفوط رکڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ روڊن تي پاڻي جي بندوبست سان گڏ هيٽ ويو جي حوالي سان ڪئمپون به قائم ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.