ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ ڪرڪيٽ ۽ ماڊلنگ جي دنيا ۾ نالو ڪمائڻ کانپوءِ اداڪاري جي ميدان ۾ به انٽري لاءِ تيار ٿي ويو.
پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان پنهنجي ويجهي دوست ۽ پروڊيوسر سرنينا ڪاشف سان گڏ پروڊڪشن ڪمپني سلفري فلمز ذريعي هاڻ پروڊڪشن جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي ۽ سندس پروڊڪشن تحت ٺهندڙ پهرين ويب سيريز ”بارهوان کلاڙي“ آهي.
هڪ انٽرويو دوران ماهرا خان پنهنجي ايندڙ ويب سيريز ”بارهوان کلاڙي“ جي حوالي سان ٻڌايو ته ان ۾ فواد خان ۽ شعيب ملڪ به مختصر ڪردار ۾ نظر ايندا، مان ڏاڍي خوش آهيان ۽ ٻنهي جي ٿورائتي به ته اهي منهنجي ويب سيريز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته ”بارهوان کلاڙي“ جي ڪاسٽ ۾ دانيال ظفر، شاهه وير جعفري، ڪنزيٰ هاشمي ۽ خاقان شاهنواز شامل آهن، ان جي ڪهاڻي ڪرڪيٽ تي ٻڌل آهي.
ماهرا خان موجب ويب سيريز جي ڪهاڻي دوستي، لاڳاپن، اتحاد، ناڪامي، ڪاميابي، محبت ۽ جرئت جي چوڌاري گهمي ٿي.