ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ فورسز جون ڪارروائيون، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائين ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب فورسز اتر وزيرستان دتا خيل ۽ ڏکڻ وزيرستان زوئيدا ۾ ڳجهي اطلاعن تي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ ٽي ٽي پي بسم الله گروپ جو ڪمانڊر عبدالآدم زيب مارجي ويو ۽ ٽي ٽي پي سنجا گروپ جو ڪمانڊر مولوي محبوب ۽ ڪمانڊر مير سلام به مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب دهشتگرد مولوي محبوب ۽ مير سلام بيت الله محسود جا ويجها ساٿي هئا ۽ هي دهشتگرد لڌا قلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ بارودي سرنگهه ڌماڪن ۾ به ملوث هئا جڏهن ته دهشتگرد ڪمانڊر عبدالآدم فورسز تي 20 کان وڌيڪ حملن ۾ ملوث هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.