رتوديرو : پسند جي پرڻي تان 4 مهينا اڳ قتل ڪيل جوڙي جي خاڻوٺ ڀرسان قبر ڪشائي`

رتوديرو ۾ پسند جي پرڻي تان 4 مهينا اڳ قتل ڪيل جوڙي جي خاڻوٺ ڀرسان قبر ڪشائي ڪئي وئي، والدين پسند جي پرڻي تان ويري بڻجي نوجوان شعيب جلباڻي ۽ سندس سوٽ وحيدان جلباڻي کي دوکي سان رتوديرو گهر گهرائي قتل ڪرڻ بعد ڳجهه ڳوهه ۾ خاڻوٺ ڀرسان دفنائي ڇڏيو هو،  مقتول شعيب جي ڀاء  سهيل جلباڻي رتوديرو ٿاڻي تي سندس والد وريام ناري جي والد سميت مختلف جوابدارن کي نامزد ڪري ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ پوليس منير جلباڻي کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن خاڻوٺ ويجهو جوڙي کي دفنائڻ جي نشاندهي ڪئي جنهن تي خاڻوٺ ۽ ڪول مائينر پوليس نشاندهي ٿيل قبرن تي سيڪيورٽي سخت ڪندي اهلڪار مقرر ڪيا هئا جڏهن ته رتوديرو پوليس ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي درخواست تي عدالت ۽ ڊائريڪٽر صحت کاتي قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو ويو  جنهن کانپوءِ قبر ڪشائي ڪري جزا وٺي ليبارٽري موڪلي ڇڏيا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.