يوسف رضا گيلاني ۽ پ پ جي ٻين سينيٽرن جي ڪاميابي تي مختلف شهرن ۾ جشن

پيپلزپارٽي جي سينٽرن ڄام مھتاب حسين خان ڏهر ۽ سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي تي اوٻاوڙو ، وارهه ۽  تلهار ۾ خوشيون ملهائيون ويون،  اوٻاوڙو ۾  بشير آباد کان ڄام شهاب خان ڏهر جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن جي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب پهتي جتي ڄام شهاب خان ڏهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ پي ڏي ايم ۽ خاس طور تي پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جهموريت جي ڪاميابي آهي ، ان موقعي تي ريلي ۾ پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري نظرحسين چارڻ سيد مھتاب شاھ بخاري ربنوازپنهور عبدالغنی پنهور ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا، تلهار ۾ مختلف پ پ پ اڳواڻن  پاران جشن ملهائي  مٺايون ورهايون ويون ، پ پ يوٿ ضلعي  نائب صدر پيرمحفوظ شاھ قادري جي آستاني تي پ پ جيالن پاران رقص ڪري  جھمريون هنيون ويون،پ پ ليڊيز ونگ تعلقي اڳواڻ زاھدا ڪنڀار  جي ھائوس تي به جشن جاري رھيو،  ان سلسلي ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پ پ ثابت ڪري ڏيکاريو ته اڄ عمران خان جون وايون بتال ٿيون آھن پر جلد تبديلي جا  پول به پڌرا ٿي ويندا ،.وارھ ۾ پيپلز پارٽي جي صدر رياض الدين ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ خوشيون ملهائيندي مٺائي ورهائي وئي، پيپلز پارٽي جي آفيس کان ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو، سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شرڪت خوشيءَ مان جهمريون هنيون. ريليءَ ۾ بشير ميرجت، بابو بلاڻي سوجهرو لاشاري  ۽ ٻين چيو سينيٽ چونڊون سيليڪٽڊ حڪمرانن لاءِ آئينو آھن

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.