قبضا مافيا خلاف ڏيپلو ۾ شھري سماجي ڪائونسل پاران صحافي امين ميمڻ ـ اڪبر بجير ـ ايسرداس بچاڻي جي اڳواڻي ۾ بدين بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي وئي، ريلي ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ڏيپلو شھر ۾ قبضا مافيا سرگرم آهي، شھر جي چوڌاري سروي زمين جي مھاڳن ـ مال جي ۽ چراگاھ تي قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪري رھيا آھن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اقليتي نعري جي آڙ ۾ شھر ۾ قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪري رھيا آھن جنهن جي پٺ ڀرائي پ پ ايم پي اي ڪري رھيا آهن، هنن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي قبضا مافيا جو نوٽيس وٺي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .
رپورٽ_ ساگر ڏيپلائي