خيرپورناٿن شاهه رائيس ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان اڏاوتون ڊاهي پٽ

خيرپورناٿن شاهه (ت ر) عدالتي حڪم تي خيرپورناٿن شاهه ڀرسان رائيس ڪئنال جي ٻنهي پاسن تان حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ارشاد ڪمالاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي رائس ڪئنال مشتاق ناريجو ۽ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاهه پير بخش چانڊيو ۽ ٻين آفيسرن پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري آبپاشي عملي سان گڏ هيوي مشينري ذريعي ڳوٺ علي بخش کوسو ۽ ڳوٺ علي گوهر کوسو سميت ٻين ڳوٺن ۾ آر ڊي 96 کان 103 تائين حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي،  100 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، آپريشن دوران متاثر گهر ڌڻين ايريگيشن عملي کي منٿون ڪندا رهيا گهر نه ڊاهيو اسان مسڪينن کي بي گهر نه ڪريو آبپاشي عملي ڳوٺاڻن جي هڪ نه ٻڌي پوليس جي مدد سان آپريشن جاري رکيو ٽن ڏينهن جي آپريشن دوران 200“کان وڌيڪ خاندان بي گهر ٿي ويا آھن،مسڪين بي پهچ متاثر ڳوٺاڻا ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ ويٺل سنڌ حڪومت کي آپريشن روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان موقعي اسسٽنٽ ڪمشنر ارشاد ڪمالاڻي صحافين کي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي رائيس ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان غير قانوني حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو اسين پهرين نوٽيس جاري ڪيا هيا ته پاڻمرادو حددخليون ماڻهو ختم ڪن پر انهن حددخليون ختم نه ڪيون ايريگيشن عملي سان گڏ اڄ ٽين ڏينهن به آپريشن جاري آھي 200 کان وڌيڪ غير قانوني اڏاوتون گهر دڪان مشنري ذريعي ڊاهي ڇڏيا آھن رائس ڪئنال جي ٻنهي پاسن مٿان غيرقانوني ٺهيل اڏاوتون حددخليون ڊاٿيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.