ڏيڍ مھينو اڳ قتل ٿيل گلشير جتوئي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

ڏيڍ مھينو اڳ بيدردي سان قتل ٿيل گلشير جتوئي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي گهرواري ميرزادي پنھنجي معصوم ٻارڙن ۽ وارثن مسمات صابل، مسمات گڏي مسمات ڪونج، غلام حسين، حاجي عرس جتوئي ء اقبال جتوئي سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي مبينا الزام هڻندي سندن چوڻ هو ته گلشير جتوئي کي ڦوٽو جتوئي جي پٽن  زمين ورهائڻ جي بھاني سان گهرائي  وڃي ڪلاشن جا برسٽ هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ، جنهن جو لاکاٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو پر پوليس قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪندي نه ته ڪيس چالان ڪيو نه وري کين گرفتار ٿي ڪري، ابتو ڪيس لاء مقتول گلشير جتوئي ء سندس زال مسمات ميرزادي جا شناختي ڪارڊ گهريا جيڪي ايس ايڇ او لاکاٽ دائود رند پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن،

هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ ء ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن  ۽ سندن ونگارو ايس ايڇ او دائود رند خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

رپورٽ- مومن جوڻو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.