ڪراچي: سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران مقامي هوٽل ۾ ڊائيلاگ پروگرام

سماجي تنظيم سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن پاران انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي سهڪار سان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ زرعي مزدور عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ جوڙيل قانون ۾ خامين ۽ مسئلن بابت ڊائلاگ پروگرام منعقد ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ليبر کاتي جي سيڪريٽري رشيد سولنگي چيو ته وومين ايگريڪلچر ورڪرز ايڪٽ قانون زرعي مزدور عورتن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ اهم قدم آهي، سنڌ حڪومت 18 هين ترميم کانپوءِ مزدورن جي لاءِ قانون ۽ پاليسين ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي انساني حقن جي اڳواڻ اسد بٽ، مزدور اڳواڻ ۽ نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ تاج مري، ڪامريڊ ناصر منصور، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر، عورت اڳواڻ زهره خان، مهناز رحمان، سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جاويد سوز هالائي ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته مزدورن سان ظلم ڪندڙن سان ته اسان کي وڙهڻو پوندو آهي پر ان سان گڏ انهن مزدورن کي به سمجهائڻو پوندو آهي، ماڻهن جي ذهن ۾ خوف ويٺل آهي، پنهنجي حق جي ڳالهه نٿا، پر پنهنجي حق کي ڇڏي ڏيڻ ظلم ڪرڻ کان وڏو ڏوهه آهي. عورتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ تمام وڏي ذميواري آهي، عورت جي عزت ڪرڻ کانسواءِ معاشري ۾ بهتر تبديلي نٿي آڻي سگهجي.

ڊائلاگ پروگرام ۾ ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن جي حوالي سان ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو\

رپورٽ-عارف نائچ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.