ميان صاحب ۾ بيماري ڪينال تي قبضن خلاف آپريشن

ميان صاحب ( رپورٽ مظفر ملڪ ) ميان صاحب ڀرسان آبپاشي کاتي طرفان بيگاري ڪئنال ۽ دوست شاخ جي ڪپرن کان غير قانوني اڏاوتون  ڊاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شڪارپور جي آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن سان گڏ ميان صاحب ، سلطان ڪوٽ ، لوڊرا ، همايون ، رحيم آباد ۽ خانپور سميت 8 ٿاڻن جي پوليس پڻ اهڙي آپريشن ۾ گڏ هئي جن ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ يوسف ماڇي ، الهرکيو پنهور ، صوفي جعفري ، جهانگي جعفري سميت 6 ڳوٺ  ڪرين مشين ذريعي مڪمل ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا جنهن بعد متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن متاثر ڳوٺاڻن سرڪار کان مدد جي اپيل ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.