پکو : ٿرڙي ھاشم ۾ اسڪول جي پلاٽ تي بااثر پاران قبضي جو نوٽيس، ڪم بند ڪرايو ويو

پکو  ڀرسان  ڳوٺ ٿرڙي ھاشم ۾ واحد پرائمري بوائز  اسڪول جي پلاٽ تي بااثر پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن  جو اي سي نصيرآباد بشارت ماھوٽو پاران نوٽيس وٺي ڳوٺ ٿرڙي ھاشم پھچي ھلندڙ اڏاوتي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ، اسڪول جي ھيڊ ماستر حماد الله تنيو پاران اي سي نصيرآباد کي لکت ۾ قبضي جي شڪايت ڪئي وئي  ھُئي جنھن جو اي سي نصيرآباد نوٽيس وٺي پاڻ پھچي ھلندڙ اڏاوتي ڪم بند ڪرايو ۽ قبضو ڪندڙ کي پلاٽ تي اڏاوت ڪرائڻ  جي صورت ۾ اها ڊاھي پٽ ڪرائڻ ۽ قانوني ڪارروائي  ڪرڻ جو  پڻ چيو ،  صحافين سان ڳالھائيندي اي سي بشارت ماھوٽو چيو ته تعليم دشمن عناصر ماڻھن کي بخش نه ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.