ڌاٻيجي: حليم عادل شيخ خلاف جوکيا برادري  پاران ٽئين  ڏينهن به  احتجاج جاري

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف جوکيا برادري  پاران ٽئين  ڏينهن به  احتجاج جاري رکيو ويو ، جوکيا برادري جي ماڻھن جاويد جوکيو ،غلام خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ پاران  ملير ۾ ٿيندڙ اليڪشن دوران جديد هٿيارن جي نمائش ڪري مقامي ڳوٺاڻن کي گار گند ڪئي وئي  ۽  جوکيا برادري جي سردار ڄام عبدالڪريم جوکئي  خلاف گٿا لفظ ڳالهايا ويا جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي،  هنن مطالبو  ڪيو  ته فوري طور تي حليم عادل شيخ کي اسيمبلي مان نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

رپورٽ-مقصود جوکيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.