افغان طالبان آمريڪي فوج جي نڪرڻ ۾ دير جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان آمريڪي فوج جي نڪرڻ بابت نئين تجويز ڪيل منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو.

ان نئين پلان موجب امڪاني طور آمريڪي فوج جي واپسيءَ جي تاريخن ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته اسان جا ويڙهاڪ ان واڌ تي قطعي طور اتفاق نه ڪندا.

واضح رهي ته دوحه ۾ امن معاهدي تحت واشنگٽن حڪومت کي هلندڙ سال پهرين مئي تائين افغانستان ۾ مقرر پنهنجا فوجي واپس گهرائڻا آهن.

سيڪيورٽي صورتحال ۽ طالبان سان امن ڊيل جي غير فعالي سبب ان منصوبي ۾ تبديلي جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.